ريلوي ڪواٽرس

ريلوي ڪواٽرس: ڪراچيءَ ۾ واقع ريلوي ڪواٽرس 1858ع ڌاري ٺاهيا ويا، جيڪي ان وقت هڪ نئون علائقو تصور ڪيو ويندو هو. ريلوي ملازمن اتي ڪافي تعداد ۾ ٻه ماڙ شاندار گھر ٺهرايا. اهي ڪواٽرس ويڪر ۾ گھٽ هئا، اهي ايم. سي. ليوڊ روڊ لڳو لڳ هوندا هئا. ريلوي ڪواٽرس ۾ اڀرندي پاسي ايلندر روڊ، جيڪو سول لائين ڪواٽرس سان لڳولڳ هو، جڏهن ته ڪواٽرس جي الهندي طرف ميري ويدر ٽاور هو. ڪافي آبادي ريلوي سان لاڳاپيل هئڻ ڪري انهن ڪواٽرس جو نالو به ريلوي ڪواٽرس پئجي ويو. سٽي اسٽيشن ۽ ايمليوڊ اسٽيشن اتي واقع هيون ۽ اسٽيشن هائوس ۽ ٻيون ڪافي عمارتون 1880ع ڌاري ٺاهيون ويون ۽ ان کانپوءِ وڏا وڏا گودام به ٺاهيا ويا. 1880ع ڌاري ايمليوڊ روڊ تي ڪجھه عمارتون ريلوي ڪواٽرس طرف ٺهيل هيون، جن عمارتن ۾ مشهور ’صدر ڪورٽ‘ عمارت به اچي وڃي ٿي، جيڪا اصل ۾ بمبئي ڪورٽ لاءِ ٺاهي وئي هئي. هيءَ عمارت 18000 چورس گزن جي پلاٽ تي مشتمل هئي. ايمليوڊ روڊ تي سراءِ ڪواٽرس ۽ ريلوي ڪواٽرس طرف ڪاٽن فيڪٽريون به ڪافي واقع هيون.


لفظ ريلوي ڪواٽرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو